سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا هٿان وائيٽ واش کانپوءِ ڪيويز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شرڪت لاءِ قومي ٽيم جا 6 رانديگر سڀاڻي نيوزيلينڊ روانا ٿيندا.
ڪپتان شاهين آفريدي، بابر اعظم، صائم ايوب، محمد رضوان، عامر جمال ۽ وسيم جونيئر سڀاڻي آسٽريليا کان نيوزيلينڊ ويندا، جڏهن ته ٽيسٽ اسڪواڊ جا ٻيا 9 رانديگر سڀاڻي آسٽريليا کان پاڪستان واپسي ڪندا.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون 12، 14، 17، 19 ۽ 21 جنوري تي کيڏيون وينديون.
You might also like