پاڪستان ۾ موبائيل فون ڇو بلاڪ ٿي رهيا آهن؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي اي چيئرمين  ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان سينيٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل ٽن مهينن دوران سموري ملڪ ۾ پنج لک موبائيل فونز بلاڪ ڪيا ويا آهن.

گهرو معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي اي چيئرمين ڪميٽي ميمبرز کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسان پنج دفعا حڪومت کي چيو آهي ته ٽئڪس تمام گهڻو آهي، اسان چوندا آهيون ته پاڪستان ۾ موبائيل ٽئڪس فري هئڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته جيڪا به موبائل سٺ ڏينهن ۾ ٽئڪس جمع نه ڪرائي ان کي بلاڪ ڪيو ويندو آهي، گذريل ٽن مهينن دوران ٽئڪس نه ڏيڻ تي پنج لک موبائل بلاڪ ڪيا ويا.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي اي طرفان موبائيل بلاڪ ڪرن کان پهرين نوٽيس ڇو ناهي اُماڻيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.