پالتو ڪتو مالڪن جا 11 لک روپيا کائي ويو

آمريڪي رياست پينسلوانيا ۾ انوکو واقعو پيش آيو آهي جتي پالتو ڪتومالڪ جا چار هزار ڊالر کائي ويو ها رقم پاڪستان رپين ۾ 11 لک 26 هزارن کان وڌيڪ آهي.
ڊسمبر جي شروع ۾ پٽسبرگ شهر جي رهواسي ڪليٽن پنهنجي ڪچن ۾ هڪ لفافو رکيو جنهن ۾ چار هزار آمريڪي ڊالر هئا، ان رقم مان جو تعميراتي ڪم ٿيڻو هو.
هن رقم کي ڪچن جي ڪائونٽر تي رکڻ جي ڪجهه منٽن ڏٺو ته اهو لفافو سندس پالتو ڪتي جي وات ۾ هو ۽ ڪتو اهي ڊالر کائي چڪو هو.
مقامي ميڊيا موجب گھر جي مالڪ ڪليٽن ۽ سندس زال ڪيري لا کي سيسِل نالي ان ڪتي کي هي اُلٽي ڪرڻ کان پوءِ ڊالرن جا ٽڪر هٿ آيا جيڪي هنن گڏ ڪري انهن کي ٽيپ سان جوڙيو پر 450 ڊالر اڃا تائين گم آهن.
سيسل جو معائنو ڪندڙ ڊاڪٽر ان جوڙي کي ٻڌايو سندن ڪتي جي صحت ٺيڪ رهندي.

فوٹو ــ اسکرین گریب / سی این این
جنهن وقت ڪتو چار هزار ڊالرن جو لفافو کائيو ويو ته ان وقت مالڪ پريشان هئا پر ڪتو ان حرڪت مان مزو وٺي رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.