عامر جمال جو آسٽريليا ۾ تاريخي ڪارنامو، پهريون پاڪستاني ڪرڪيٽر بڻجي ويو

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي فاسٽ بالر عامر جمال آسٽريليا خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري ٽيسٽ ۾ انوکو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
عامر جمال آسٽريليا خلاف هڪ ٽيسٽ ميچ جي اننگز ۾ پنجاهه کان وڌيڪ رنسون ۽ ڇهه وڪيٽون وٺندڙ پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو آهي.
عامر جمال سڊني ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 82 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته هن آسٽريليا جي پهرين اننگز ۾ ڇهه وڪيٽون حاصل ڪيون.
عامر جمال کان اڳ وسيم اڪرم 1990ع ۾ آسٽريليا خلاف 52 ۽ 123 رنسن جي اننگز کيڏي هئي ۽ هڪ اننگ ۾ پنج ۽ ٻي اننگز ۾ ڇهه وڪيٽون ورتيون هيون.
ياد رهي ته ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ آسٽريليا کي 2-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.