آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي ڪيس، سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي ڪيس جو فيصلو ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ محفوظ ڪري ورتو.
سياستدانن جي تاحيات نااهلي جو مدو مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بئنچ ڪئي، جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل هئا.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان بنيادي آئيني حقن ۽ تاريخ کي نظرانداز ڪري رهيا آهيون، اسان فيصلو ڪيو آهي ته چونڊن بابت انفرادي ڪيس نه ٻڌنداسين، اسان آئيني تشريح بابت ڪيس ٻڌنداسين، چونڊن بابت افرادي ڪيس ايندڙ هفتي ڪنهن ٻي بئنچ ۾ لڳائينداسين.
چيف جسٽس چيو ته اسان نااهلي ڪيس ۾ پبلڪ نوٽيس جاري ڪيو پر ڪا هڪ سياسي جماعت ڌر نه بڻي، پاڪستان جي عوام جو ڪنهن کي خيال ناهي، ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو ڪجهه ناهي ٿيندو، نامزدگي ڪاغذن ۾ هڪ غلطي تاحيات نااهل ڪري ڇڏيندي آهي، ڇا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سياستدانن جي اهڙي ٽيسٽ ٿيندي آهي؟ ڇا دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ چونڊن کان اڳ اهڙي سخت ٽيسٽ ٿيندي آهي؟
سپريم ڪورٽ درخواستگذار، اٽارني جنرل ۽ عدالتي مددگار جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ تاحيات نااهلي جي حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس جو شارٽ آرڊر اڄ جاري نه ڪنداسين، ڪوشش آهي ته مختصر حڪمنامو جلد کان جلد ٻڌايون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.