سينيٽ: عام چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ٺهراءَ منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سينيٽ ملڪ ۾ اٺ فيبروري تي رٿيل عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءَ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.
سينيٽر دلاول خان عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءِ پيش ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اڪثر علائقن ۾ سخت ٿڌ آهي، انڪري انهن علائقن جي چونڊ عمل ۾ شرڪت ڏکي آهي.
سينيٽر دلاور خان چيو ته آئين موجب شفاف اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.
هن چيو ته جي يو آءِ ( ف ) جي ميمبرن ۽ محسن داوڙ تي به حملو ٿيو، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملا ٿيا آهن جڏهن ته ايمل ولي خان به ڳڻتي آهي.
سندس چوڻ هوته اليڪشن ريلي دوران ڳجهي ايجنسين جا ٿريٽ الرٽ آهن، انڪري اٺ فيبروري تي رٿيل چونڊ ملتوي ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪرائڻ تي عمل ڪري.
ن ليگ جي سينيٽر افنان الله ٺهراءَ جي مخالفت ڪندي چيو ته دلاور خان جي سبب کي درست ڪرڻ چاهيان ٿو، ملڪ ۾ سيڪيورٽي حالت ٺيڪ ناهي پر ٻه هزار اٺ ۽ ٻه هزار تيرنهن ۾ حالتون وڌيڪ خراب هيون، سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائي چونڊون ملتوي ڪنداسين ته ڪڏهن به اليڪشن نه ٿيندي.
افنان الله جو چوڻ هو ته ڇا ٻي مهاڀاري جنگ دوران برطانيا ۽ آمريڪا چونڊون ملتوي ڪيون؟، موسم جو بهانو بڻايو پيو وڃي، فيبروري ۾ ٻه ڀيرا اليڪشنا ملتوي ٿي چڪي آهي.
ان کانسواءِ سڌ سماءُ واري وزير مرتضيٰ سولنگي به ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي پر سينيٽ اٺ فيبروري تي ملڪ ۾ شيڊيول عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.