انڊونيشيا ۾ ٻن ٽرينن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ ٻن ٽرينن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو انڊونيشيا جي جزيري جاوا ۾ پيش آيو جتي ٻن مسافر ٽرينن ۾ ٽڪر ٿيو.
انتظاميا ٻڌايو ته اوڀر صوبي جاوا جي راڄڌاني سورابايا کان بانڊونگ ويندڙ هڪ ٽرين ٻي ٽرين کي اسٽيشن تي ٽڪر هنيو جنهن سان بوگين کي سخت نقصان پهتو جڏهن ته ڪجهه بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
انتظاميا موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪارن سميت ايمبولينسز ٿڏي تي پهچي ويون جن لاش سميت زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.