مُڪيش امباني کان ايشيا جي امير ترين شخص جو اعزاز کسجي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت سان واسطو رکندڙ مڪيشن امباني لڳ ڀڳ هڪ سال کان پوءِ ايشيا جي امير ترين شخص جي اعزاز کان محروم ٿي ويو.
مڪيش امباني جي جاءِ تي ڀارت جو ئي گوتم اڊاني هڪ ڀيرو وري ايشيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو آهي.
واضح رهي ته جنوري 2023ع ۾ آمريڪي شارٽ سيلنگ ڪمپني هندن برگ هڪ رپورٽ ۾ چيو هو ته اڊاني گروپ ڏهاڪن کان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڦيرڦار ۽ اڪائونٽنگ فراڊ اسڪيم ۾ ملوث آهي.
رپورٽ ۾ گوتم اڊاني لاءِ ڪارپوريٽ تاريخ جي سڀ کان وڏي دوکيباز جا لفظ به استعمال ڪيا ويا هئا.
ان رپورٽ کان پوءِ گوتم اڊاني جي دولت ۾ گھٽتائي ٿي هئي ۽ هو 2023ع ۾ دنيا جي امير ترين ماڻهن جي لسٽ ۾ گھڻو هيٺ رهندو هو جڏهن ته مڪيش امباني ايشيا جي امير ترين شخص بڻجڻ جو اعزاز ماڻيو هو.
پر ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي سپريم ڪورٽ حڪم جاري ڪيو هو ته هندن برگ جي الزامن تي نئين جاچ جي ضرورت نه آهي.
ان فيصلي کان پوءِ گوتم اڊاني جي اثاثن ۾ اضافو ٿيو ۽ هاڻي هو هڪ ڀيرو وري ايشيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو آهي.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب 4 جنوري تي 7.7 ارب ڊالرز جي واڌ سان گوتم اڊاني جي اثاثن جي ماليت 97.6 ارب ڊالرز ٿي وئي، جنهن کان پوءِ هن مڪيش امباني کي پوئتي ڇڏيندي ايشيا جو امير ترين شخص بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.
مڪيشن امباني هن وقت 97 ارب ڊالرز جو مالڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.