پي ٽي آءِ باني جا الزام بي بنياد آهن، ڪنهن جي حمايت ناهيون ڪندا: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پاڪستان جي مستقبل جي قيادت جو فيصلو پاڪستان عوام کي ڪرڻو آهي.
هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ ڪٿي به ڪنهن هڪ اميدوار يا پارٽي کي اهميت ناهي ڏيندو، آمريڪا جي دلچسپي جمهوري عمل ۾ آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جا الزام بي بنياد آهٿ، آمريڪا چاهي ٿو ته چونڊون پاڪستاني قانونن موجب آزاد ۽ منصفاڻيون ٿين.
ميٿيو ملر جو چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان کي نٿو چئي سگھي ته چونڊون ڪيئن ڪرايو، پاڪستان ۾ جمهوري اظهار ۽ متحرڪ جمهوريت جي حمايت جاري رکنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.