عمر ايوب کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ملي وئي

ايبٽ آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن ٽربيونل پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ريٽرننگ آفيسر تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب جا قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 18 هري پور تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا جنهن خلاف هن اليڪشن ٽربيونل ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي.
اليڪشن ٽربيونل اين اي 18 تان عمر ايوب تي اعتراض ڪندڙ بابر نواز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران ٻنهي هڪٻئي خلاف پنهنجا اعتراض واپس وٺي ڇڏيا.
ٽربيونل اعتراض واپس وٺڻ کانپوءِ ٻنهي اميدوارن کي اين اي 18 تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيندي سندن نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.