اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اٽارني جنرل منصور عثمان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي ڪيس ۾ آئين جي غلط تشريح ڪئي آهي.
آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان پنهنجي دليلن ۾ 2015ع واري اسحاق خاڪواڻي ڪيس ۾ جو حوالو ڏيندي چيو ته سميع الله بلوچ ڪيس ۾ اسحاق خاڪواڻي ڪيس کي ڊسڪس ناهي ڪيو ويو.
چيف جسٽس ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي ته سميع الله بلوچ ڪيس ۾ خاڪواڻي ڪيس ڊسڪس ناهي ٿيو، جسٽس منصور علي شاهه اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته اصل ۾ خاڪواڻي ڪيس ڇا هيو؟.
اٽارني جنرل ٻڌايو ته خاڪواڻي ڪيس نااهلي بابت ئي هيو، ڪورٽ آف لا ڇا هوندي 2015ع ۾ ست رڪني بئنچ اِهو معاملو اُٿاريو، سميع الله بلوچ ڪيس ڪورٽ آف لا واري سوال جو جواب نه ڏو، چيف جسٽس سوال پڇاڻو ڪيو ته سميع الله بلوچ ڪيس ۾ ڇا اسحاق خاڪواڻي ڪيس جو حوالو موجود آهي؟ .
اٽارني جنرل ٻڌايو ته سميع الله بلوچ ڪيس ۾ خاڪواڻي ڪيس کي ڊسڪس نه ڪيو ويو، جسٽس جواد ايس خواجا لکيو ته هي معاملو لاڳاپيل ڪيس ۾ ڏسنداسين، ان کانپوءِ اِهو معاملو ڪڏهن نه ڏٺو ويو.
چيف جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته ڪنهن ائين نه چيو ته هي معاملو فيڊرل شريعت ڪورٽ جي اختيار ۾ آهي؟ اسلامي معاملن تي شريعت ڪورٽ جو اختيار هوندو آهي، اٽارني جنرل چيو ته سميع الله بلوچ ڪيس ۾ تاحيات نااهلي وارو فيصلو ٺيڪ ناهي، سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي ڪيس ۾ آئين جي غلط تشريح ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ تعين ڪري ته سياستدانن جي اهليت جي ڊڪليئرشن ڪنهن کي ڏيڻي آهي.
جسٽس امين پڇاڻو ڪيو ته اوهان چاهيو ٿا ته اسحاق خاڪواڻي ڪيس ۾ اُٿاريل سوالن جو فيصلو اسان ڪريون؟ جنهن تي منصور عثمان چيو ته عدالت کي مختلف آئيني سوالن جو تعين ڪرڻو پوندو، عدالت فيصلو ڪري ته نااهلي جي ڊڪليئرشن ڪنهن کي ڏيڻي آهي ۽ ڪورٽ آف لا ڇا آهي.
You might also like