آرمي چيف جو فيض حميد کي 8 جنوري تي ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)جنرل (ر) فيض حميد کي فيض آباد ڌرڻي بابت جاچ ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت، حاضري کان آجو قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪئي وئي.

نامياري صحافي بلال غوري جو چوڻ آهي ته جنرل (ر) فيض حميد  فيض آباد ڌرڻي جاچ ڪميشن ۾ 2 ڀيرا نوٽيس ملڻ باوجود پيش ٿيڻ بدران آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ملاقات لاءِ درخواست ڏني جيڪا قبول ڪئي وئي ۽ جنرل (ر) فيض حميد درخواست ڪئي ته جاچ ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ کان کيس آجو قرار ڏياريو وڃي ڇو ته اها منهنجي نه پر اداري جي بدنامي آهي.

ان حوالي سان نامياري صحافي آصف بشير چوڌري جو چوڻ آهي ته آرمي چيف کيس ٺپ جواب ڏنو ۽ چيو ته اوهان کي جاچ ڪميشن آڏو پيش ٿي سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن، جنهن تي فيض حميد چيو ته ٺيڪ آهي 7 يا 8 جنوري تي وڃي پيش ٿيندس.

ان تي به آرمي چيف جنرل عاصم منير کيس چيو ته ڪا به هڪ تاريخ ٻڌايو جنهن تي فيض حميد چيو ته 8 جنوري تي هو ڪميشن آڏو پيش ٿيندو.

نامياري صحافي اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل (ر) نويد مختار ۽ اڳوڻي ڊي جي رينجرز اظهر حيات کي به ڪميشن طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

صحافي آصف بشير جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ان وقت جي ڊي جي سي فيض حميد جي بيانن جو جڏهن تقابلي جائزو ورتو ويندو ته حقيقت سامهون اچي ويندي ڇو ته جنرل (ر) فيض حميد کي ڪجهه اداري جون هدايتون هيون ڪجهه هن حدون به عبور ڪيون هونديون.

صحافي اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته جنرل (ر) فيض حميد پنهنجي ويجهن دوستن کي چيو آهي ته وٽس لڪائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، هو سمورو معاملو ڪميشن اڳيان بيان ڪندو.

صحافي آصف بشير جو چوڻ آهي ته جنرل (ر) فيض حميد وٽ لڪائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي پر ٻڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.

صحافي بلال غوري جو چوڻ آهي ته اهي به اطلاع آهن ته فيض آباد ڌرڻي بابت جاچ ڪميشن جي مدت ۾ ٻن هفتن جي واڌ ڪئي وئي آهي, صحافي اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته عمران خان جو به بيان رڪارڊ ڪيو ويندو، جڏهن ته جنرل (ر) فيض حميد لکت ۾ ڪميشن کي سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا آهن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 05 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.