زين شاهه، اياز لطيف ۽ قادر مگسي سميت قومپرستن 7 قومي ۽ 44 صوبائي سيٽن تي اميدوار بيهاري ڇڏيا

حيدرآباد (رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند جماعتن پاران ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ جي 7 قومي اسيمبلي ۽ 44 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي پنھنجا اميدوار بيھاريا ويا آھن، سنڌ يونائيٽيڊ  پارٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ جا اميدوار (جي ڊي اي) جي پليٽ تان چونڊن ۾ حصو وٺندا، سنڌ ترقي پسند پارٽي پنھنجا اميدوار (خادمين سنڌ) جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ سامھون آندا آھن، جڏھن تھ عوامي تحريڪ پاران پارٽي جي پليٽ فارم تان اميدوار بيھاريا ويا آھن، اھڙي طرح عوامي ورڪرز پارٽي ۽ سنڌ ھاري ڪميٽي پاران بھ مختلف تڪن تي اميدوار سامھون آندا ويا آھن، ايس يو پي 10 صوبائي ٻن قومي اسيمبلي جي تڪن تي پنھنجا اميدوار بيھاري چڪي آھي، قومي عوامي تحريڪ بھ ھڪ قومي ۽ 5 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي اميدوار بيھاريا آھن، ٻنھي جماعتن مان جي ڊي اي جي منظوري ۽ ٽڪيٽن جي فيصلي بعد حتمي اميدوارن جو فيصلو ٿي سگھندو، ايس ٽي پي خادمين سنڌ جي پليٽ فارم تان ٽن قومي ۽ 15 صوبائي اسيمبلي جي تڪن اميدوار ميدان ۾ لاھڻ جو فيصلو ڪيو آھي، عوامي تحريڪ بھ 10 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي اميدوار بيھاريا آھن، عوامي ورڪرز پارٽي پاران ٻن صوبائي اسيمبلي ۽ سنڌ ھاري ڪميٽي پاران پڻ ٻن صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي اميدوار بيھاريا ويا آھن. ايس ٽي پي سربراھھ ڊاڪٽر قادر مگسي ھن ڀيري قاسم آباد جي صوبائي اسمبلي جي تڪ بجاءِ ملاڪاتيار ٽنڊو محمد خان مان چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آھي، اياز لطيف پليجو ساڳي تڪ پي ايس 60 قاسم آباد تي اميدوار آھي، جڏھن تھ ايس يو پي سربراھھ سيد جلال محمود شاھھ ھن ڀيري چونڊن ۾ نھ وٺي رھيو آھي، ذريعن موجب سيد جلال محمود شاھھ طبيعت جي مسئلن سبب چونڊن ۾ حصو نھ وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ان ساڳئي ڄامشوري واري قومي اسيمبلي جي تڪ تي سيد منير حيدر شاھھ ۽ روشن علي ٻرڙو ايس يو پي جا نامزد ڪيل اميدوار آھن، سيد زين العابدين(سيد زين شاھھ) سڪرنڊ نوابشاھھ واري پنھنجي پراڻي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي فارم ڀرائي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري چڪو آھي. ڄاڻايل جماعتن پاران جاري ڪيل فھرست موجب سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو، ٽڪيٽن جي حتمي فيصلي کان اڳ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران 10 صوبائي ۽ ٻن قومي اسيمبلي جي سيٽن تي پنھنجا اميدوار سامھون آندا ويا آھن، جن ۾ سيد زين العابدين شاھھ(زين شاھھ) اين اي 208 سڪرنڊ، روشن علي ٻرڙو ۽ منير حيدر شاھھ اين اي 231 ڄامشورو، غلام شبير جتوئي پي ايس 26 خيرپور ميرس، غلام مصطفيٰ راڄپر پي ايس 29 خيرپور ميرس فيض گنج، سيد زين العابدين شاھھ(زين شاھھ) پي ايس 38 سڪرنڊ، عارف نياز آرائين پي ايس 39 قاضي احمد، امير آزاد پنھور پي ايس 72 بدين گولاڙچي، شاھد پنھار ۽ روشن ٻرڙو پي ايس 77 ڄامشورو سيوھڻ، ڄاڻايل تڪ تي پيپلزپارٽي پاران سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاھھ پيپلزپارٽي پاران اميدوار آھي، سيد منير حيدر شاھھ پي اس 78 ڄامشورو ڪوٽڙي، مير احمد مڱريو پي ايس 79 ڄامشورو ٿاڻو بولان خان، سڪندر علي سوڍر پي ايس 81 دادو ۽ خادم حسين ٻرڙو پي ايس 87 ڪراچي ملير تي ايس يو پي جو نامزد ڪيل اميدوار آھي، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران(خادمين سنڌ) جي پليٽ فارم تان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي ٽن قومي اسيمبلي ۽ 15 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي اميدوار سامھون آندا ويا آھن، جن ۾ ايس ٽي پي جو سربراھھ ڊاڪٽر قادر مگسي پي ايس 67 ملاڪاتيار/ ٽنڊو محمد خان تي اميدوار آھي، ڊاڪٽر قادر مگسي گذريل چونڊن ۾ قاسم آباد جي صوبائي تڪ تي اميدوار ھو، پر ھن ڀيري ھن پي ايس 67 ملاڪاتيار ٽنڊو محمد خان تي چونڊ وڙھڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جڏھن تھ عبدالفتاح سميجو پي ايس 19 ڏهرڪي، جان محمد جوڻيجو پي ايس 60 قاسم آباد ۽ پي ايس 61 حيدر آباد ٻهراڙي، محبوب سمون پي ايس 58 ٽنڊو الهيار، زيشان جسڪاڻي اين اي 217 ٽنڊو الهيار، ساريتا پي ايس 69 تلهار بدين، علي حسن جانوري پي ايس 80 خيرپور ناٿن شاهھ دادو، عبدالحڪيم نوح پوٽو اين اي 216 مٽياري، رجب علي مگسي پي ايس 97 ڪراچي، عبدالجبار جوڻيجو پي ايس 40 سانگهڙ، اشرف ٿهيم پي ايس 74 سجاول، ڪامريڊ اختر بليدي پي ايس 10 رتوديرو لاڙڪاڻو، محمد عمر ناهيو پي ايس 76 ٺٽو، ڊاڪٽر احمد نوناري اين اي 2021 ٽنڊو محمد خان، جمن سنڌي پي ايس 73 سجاول، انيلا رفيق ملاح پي ايس 37 نوابشاهھ ۽ نثار ڪيريو پي ايس 38 نوابشاھھ ايس ٽي پي جو خادمين سنڌ پليٽ فارم تان اميدوار ھوندو. اھڙي طرح قومي عوامي تحريڪ پاران ھڪ قومي اسيمبلي ۽ 5 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي اميدوار نامزد ڪيا آھن، قومي تحريڪ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جي ڊي اي پاران ٽڪيٽن جي حتمي فيصلي بعد قومي عوامي تحريڪ جا اميدوار واضع ٿي سگھندا، اميدوارن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھھ اياز لطيف پليجو پي ايس 60 قاسم آباد، سرباز اياز پليجو اين اي 218 قاسم آباد، حيدرآباد ٻھراڙي، ساحر اياز پليجو پي ايس 61 حيدرآباد، سرباز اياز پليجو پي ايس 62، فداحسين محمداڻي پي ايس 04 ڪشمور ۽ ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي پي ايس 2 ٺل جيڪب آباد تي اميدوار ھوندو، عوامي تحريڪ پاران 10 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي پنھنجا اميدوار آندا ويا آھن، جن ۾ محمد علي ٽالپر پي ايس 72 بدين، ايڊووڪيٽ محمد فاضل زنئور پي ايس 70 بدين، امير بخش جروار پي ايس 48 ميرپورخاص، ايڊووڪيٽ سائين بخش جروار پي ايس 58 ٽنڊو الھيار، ڊاڪٽر راڻو ڪنڊاڻي پي ايس 44 سانگھڙ، ايڊووڪيٽ غلام رسول ڀنگر پي ايس 35 نوشھروفيروز، ھريش مالھي پي ايس 49 عمرڪوٽ، ايڊووڪيٽ سڪندر سولنگي پي ايس 34 نوشھرو فيروز، مھراڻ درس پي ايس 69 بدين ۽ اوڀايو جوڻيجو پي ايس 55 ٿرپارڪر تي اميدوار آھي، جڏھن تھ عوامي ورڪرز پارٽي پاران سنڌ جي ٻن صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي اميدوار آندا ويا آھن، جن ۾ سينگار علي نوناري پي ايس 17 نصير آباد ۽ بيگم خاتون پي ايس 4 ڪشمور تي اميدوار ھوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.