ڪراچي (م ڊ ) اڳوڻي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه شاهنواز ڏاهاڻي بابت وهاب رياض جي بيان تي رد عمل ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وهاب رياض جو شاهنواز ڏاهاڻي بابت بيان اعتراض جوڳو آهي، مئنيجمينٽ کي رانديگرن بابت اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن.
ناصر حسين شاهه چيو ته ڳالهه سچ به آهي ته به عوامي پليٽ فارم تي نه ڪرڻ گهرجي، شاهنوازڏاهاڻي هڪ بهترين بالر آهي، نيشنل ڪپ جي فائنل جو مين آف دي ميچ به رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته اوهان شاهنواز ڏاهاڻي کي ان فٽ قرار ڏئي رهيا آهيو، ابرار جي جاءِ تي اسپنر موڪلڻو آهي ته زاهد محمود کان بهتر ڪا چوائس نٿي ٿي سگهي.
ناصر حسين شاهه اهو به چيو ته زاهد محمود به ڊوميسٽڪ جو ٽاپ پرفارمر آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر وهاب رياض پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هوته شاهنواز ڏاهاڻيءَ جو رويو مناسب ناهي، سندس شڪايتون مليون آهن.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ وهاب رياض فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي بابت گفتگو ڪندي چيو ته هو نيٽ تي بالنگ ڪرڻ کان لنوائي رهيو هو ۽ جند ڇڏائڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين.