چونڊون ٿينديون يا نه؟ اليڪشن ڪميشن جو اهم بيان اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ ٺهراءَ جي منظوري کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان واضح موقف اختيار ڪيو آهي ته عام چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون.
ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سينيٽ جي ٺهراءَ سان چونڊ شيڊيول تي ڪو اثر نه پوندو، سپريم ڪورٽ جي حڪمن کانسواءِ ڪو حڪم اليڪشن ڪميشن جي شيڊيول تي اثرانداز نٿو ٿي سگهي.
واضح رهي ته صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.