اسلام آباد ۾ گاڏي تي فائرنگ، سني علماءِ ڪائونسل جو اڳواڻ مولانا مسعود الرحمان مارجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ سني علماءِ ڪائونسل جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا مسعود الرحمان عثماني مارجي ويو.
پوليس ذريعن موجب اسلام آباد جي غوري ٽائون ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مولانا مسعود الرحمان عثماني ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.
سني علماءِ ڪائونسل ٻڌايو ته فائرنگ جي واقعي ۾ زخمي مولانا مسعود الرحمان مارجي ويو.
پوليس موجب مولانا مسعود الرحمان سني علماءِ ڪائونسل جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري هو، جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.