ٻن مختلف مهينن ۽ سالن ۾ ڄاول جاڙا ٻار

ڇا جاڙن ڀائرن جي پيدائش ۾ هڪ سال جو فرق ٿي سگھي ٿو؟
يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر ائين آمريڪا ۾ ڏسڻ ۾ آيو جتي نيو جرسي رياست ۾ جاڙا ٻار ٻن مختلف سالن ۾ ڄاوا.
ائين ان ڪري ٿيو ڇو جو هڪ ٻار 31 ڊسمبر 2023ع جي رات جو 40 منٽن جي وقفي سان ڄائو.
نيو جرسي جي علائقي Voorhees سان واسطو رکندڙ همفري ۽ سندس زال ايوا وت جاڙا ٻار وقت کان اڳ ڄاوا.
ڊاڪٽرن جو خيال هو ته ٻار هن مهيني جي آخر ۾ ڄمندا پر 2023ع جي آخري رات جو ايوا همفري کي ايمرجنسي ۾ اسپتال آندو ويو.
هن جو پهريون پٽ Ezra ايڪٽيهه ڊسمبر جي رات جو 11 لڳي 48 منٽن تي ڄائو.
ٻيو پٽ Ezekiel انهيءَ رات جو 12 لڳي 28 منٽن تي ڄائو.
اهڙيءَ طرح نه رڳو سندن ڄم جي تاريخ مٽجي وئي پر مهينو ۽ سال به مختلف ٿي ويا.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٻارن جو پيءُ همفري به 31 ڊسمبر تي ڄائو هو.
بلي همفري انسٽاگرام تي ٻارن جي تصوير به شيئر ڪئي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Billy Humphrey (@billy_humphrey)

ايوا همفري ٻڌايو ته ٻنهي ٻارن جي صحت درست آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.