وچولي عمر ۾ ننڊ جي کوٽ سبب ٿيندڙ وڏو نقصان

ننڊ جي کوٽ کي مختلف مرضن جو سبب قرار ڏنو ويندو آهي.
هاڻي اهو دريافت ٿيو آهي ته وچولي عمر ۾ ننڊ جي کوٽ پوڙهائپ ۾ دماغي ڪمزوري جنهن ۾ يادداشت ۽ سوچڻ جي مسئلن جو سبب بڻبي آهي.
آمريڪا جي ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 30 يا 40 سالن جي عمر ۾ ننڊ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ سان دماغي مرضن جو خطرو وڌندو آهي.
اها تحقيق 526 ماڻهن تي ڪئي وئي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته جن 176 ماڻهن جي ننڊ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي هئي، انهن مان 40 ماڻهن 10 ماڻهن ناقص دماغي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.
عمر، جنس ۽ ٻين عنصرن کي نظر ۾ رکندي دريافت ڪيو ويو ته ناقص ننڊ جو شڪار ماڻهن ۾ دماغي ڪمزوري جو خطرو ٻيڻ تي وڌي ويندو آهي.
محققن ٻڌايو ته نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته الزائمر مرضن جا اشارا ڏهاڪا اڳ ئي ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن.
ماهرن جو چوڻ هو ته وچولي عمر ۾ ننڊ ۽ دماغي صحت وچ ۾ تعلق نظر اچي ٿو.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته وچولي عمر ۾ ننڊ جو معيار دماغي صحت تي سڀ کان وڌيڪ اثرانداز ٿيندو آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل آمريڪن اڪيڊمي آف نيورولوجي ۾ ڇپيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.