عمران خان جي اليڪشن ڪميشن ميمبرز کي سنگين ڌمڪي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف توهينِ اليڪشن ڪميشن ۽ توهينِ چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ دوران اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.

ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني عمران خان فرد جرم لاڳو ڪرڻ دوران تپي باهه ٿي ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي ٽنهي ميمبرن کي سنگين ڌمڪي ڏني.

ذريعن موجب، عمران خان اليڪشن ڪميشن ميمبرز کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته مان اوهان سڀني کي سڃاڻان ۽ نالا به ڄاڻان ٿو، اقتدار ۾ اچي اوهان تي آرٽيڪل 6 لڳائيندس، اوهان جي جنهن چوڻ تي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيو، اِهو به اوهان کي بچائي نه سگهندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن ميمبرز عمران خان ڌمڪيءَ تي دنگ رهجي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.