بولڊ لباس اسان جي ثقافت ۽ قدرن جي خلاف آهي: اداڪار بلال قريشي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار بلال قريشي چيو آهي ته بولڊ لباس اسان جي ثقافت ۽ قدرن جي خلاف آهي.
بلال قريشي هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويو ۾ چيو ته اداڪارائون تنقيد کان بچڻ لاءِ بولڊ لباس پهرڻ کان پاسو ڪن. هڪ ساٿي اداڪارا بولڊ لباس پهرڻ سبب ٿيندڙ تنقيد تي پريشان هئي هن کي به اهو ئي چيو ته اوهان کي پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ها.
اداڪار بلال قريشي جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئون ڪنهن مذهبي بحث ۾ پوڻ نٿو چاهيان پر سچ ته اهو آهي ته اسان جا ڪجهه اخلاقي معاشرتي قدر آهن جن جي عزت ۽ خيال ڪرڻ گھرجي. منهنجي زال ۽ ڀينرن ڪڏهن به بولڊ لباس ناهي پهريو پوءِ به هو خوبصورت نظر اينديون آهن.
بلاول قريشي جو چوڻ هو ته جڏهن ڪو بولڊ لباس پهريندو ته ان کي ماڻهن جي تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو. بهتر آهي ته اهڙو ڪم ڪجي ئي نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.