برٽني اسپيئرز جو ميوزڪ انڊسٽري ڇڏڻ جو اعلان

لاس ويگاس (ويب ڊيسڪ) ناليواري پوپ اسٽار گلوڪارا برٽني اسپيئرز ميوزڪ انڊسٽري کي هميشه لاءِ ڇڏڻ جواعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب گلوڪارا پنهنجي ڏهين البم لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن جلد هوءَ ميوزڪ انڊسٽري ۾ واپسي ڪندي.
برٽني اسپيئرز انسٽاگرام اڪائونٽ تي سمورين خبرن کي رد ڪندي چٽي انداز ۾ لکيو ته هوءَ هاڻي ڪڏهن به ميوزڪ انڊسٽري ۾ واپس نه ايندي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Maria River Red (@britneyspears)

گلوڪارا وڌيڪ انڪشاف ڪندي لکيو ته هوءَ رڳو مزو وٺڻ لاءِ ميوزڪ لکندي آهي ۽ گذريل ٻن سالن ۾ هوءَ مختلف گلوڪارن لاءِ 20 گيت لکي چڪي آهي.
برٽني اسپيئرز آگسٽ 2022ع ۾ پيءُ ماءُ سان جاري عدالتي ڪيس کان پوءِ 6 ورهين جي وقفي بعد پنهنجو نئون البم جاري ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.