ڌننجيا ڊي سلوا سريلنڪن ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بڻجي ويو

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ ڌننجيا ڊي سلوا کي ديموٿ ڪرونا رتني جي جاءِ تي ٽيسٽ ٽيم جو  ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ڌننجيا ڊي سلوا کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪندي سريلنڪن چيف سليڪٽر اپل ٿرنگا چيو ته هو ٽنهي فارميٽن ۾ هڪ ئي ڪپتان رکڻ پسند ڪندو، پر هن وقت ائين ڪرڻ مناسب نه آهي.

هن چيو ته مستقبل کي نظر ۾ رکندي ڌننجيا کي ڊگهي فارميٽ جي قيادت سونپي وئي آهي، هن وقت جيڪي رانديگر موجود آهن انهن کي اعتماد جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.