چين جي ڀت بابت دلچسپ حقيقتون

هر سال لکين ماڻهو چين جي ڀت کي ڏسڻ ايندا آهن ۽ ان جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي.

اها دنيا جي 7 عجوبن ۾ شامل آهي ۽ صدين کان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي.

چين جي ڀت کي 1987ع يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو هو.

تنهنڪري ان بابت ڪجهه حيران ڪندڙ حقيقتون ڄاڻيو.

اها ڪيتري وڏي آهي؟

چين جي ڀت تمام وڏي آهي ۽ ان کي انسانن جو تيار ڪيل سڀ کان وڏو اسٽڪچر مڃيو ويندو آهي.

چين جي ڀت 21 هزار 196 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل آهي.

ان جي سراسري ڊيگهه ۽ ويڪر 6 کان 8 ميٽر آهي.

ڪيتري پراڻي آهي؟

اها گھڻي پراڻي آهي ۽ تاريخدانن جي خيال ۾ ان جي تعمير جي شروعات 7 قبل مسيح ۾ ٿي هئي.

يعني جو سڀ کان قديم حصو 2700 سال پراڻو ٿي چڪو آهي.

220 قبل مسيح ۾ شهنشاهه چن شي هوانگ چين کي متحد ڪيو ۽ پوءِ هن اصل ڀت جي واڌ شروع ڪئي.

ڀت جي تعمير جو سلسلو 2 هزار سالن کان وڌيڪ عرصو جاري رهيو.

ڇا اها هڪ ئي ڀت آهي؟

حقيقت ته اها آهي ته اها هڪ ڀت نه آهي پر ڪيتريون ئي ڀتينون، ٽاورز ۽ ٻين اڏاوتن جو ميلاپ آهي جيڪو چين جي وڏي حصي تي پکڙيل آهي.

ڀت کي ڇو تعمير ڪيو ويو؟

پراڻي زماني ۾ ڪنهن فوج جي حملي کي روڪڻ لاءِ وڏي ڀت تعمير ڪرڻ بهترين طريقو سمجهيو ويندو هو.

ان ڀت جي تعمير به چين کي حملو ڪندڙن کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اڏي وئي هئي.

جيتوڻيڪ ان ڀت جي اڏاوت صدين تائين جاري رهي ته چين کي ڪيترائي ڀيرا مختلف فوجن جو مقابلو ڪرڻو پيو.

هڪ کان ٻي ڪنڊ تائين پهچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو آهي؟

جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته ڀت 21 هزار 196 ڪلوميٽر ايراضي تي پکڙيل آهي.

اهو مفاصلو سنگاپور ۽ لاس اينجلس وچ ۾ مفاصلي کان ڏيڍ ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ پنڌ ڪري ان جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پهچڻ ۾ 17 کان 18 مهينن جو عرصو لڳندو آهي.

ڇا اها واقعي چنڊ کان به نظر ايندي آهي؟

ٿي سگھي ٿو ته اوهان ٻڌو هجي ته چنڊ تان چين جي ڀت کي ڏسڻ ممڪن آهي پر اها ڳالهه درست نه آهي.

خلابازن خلاف مان چين جي ڀت جي تصوير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪو به اهو ثابت ناهي ڪري سگھيو ته ان کي ڏسڻ ممڪن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.