ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار گووندا ۽ سندس زال سنيتا آهوجا وچ ۾ طلاق وارين خبرن تي وڪيل وضاحت پيش ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته گووندا ۽ سنيتا 37 سالن جي گڏيل زندگي کانپوءِ الڳ ٿي رهيا آهن.
ڪجهه رپورٽن ۾ گووندا جو 30 سالن جي مراٺي اداڪارا سان مبينا افيئر طلاق جو سبب ڄاڻايو ويو هو، پر هاڻي اداڪار جي وڪيل اصل حقيقت واضح ڪئي آهي.
گووندا جي وڪيل مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته 6 مهينا اڳ گووندا ۽ سنيتا جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا هئا، جنهن تي سنيتا الڳ ٿيڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي، پر هاڻي سندن سمورا اختلاف ختم ٿي چڪا آهن.
وڪيل موجب، گووندا ۽ سنيتا هاڻي ٻيهر گڏ آهن، نئين سال جي موقعي تي ٻئي گڏجي نيپال ويا هئا، جتي پشوپتي نات مندر ۾ پوجا به ڪئي، هاڻي ٻنهي جي وچ ۾ سڀ ڪجهه نارمل آهي.
وڪيل اهو به واضح ڪيو ته گووندا پارليامينٽ ميمبر بڻجڻ کانپوءِ الڳ بنگلو ورتو هو، جيڪو سندن اصل گهر جي سامهون ئي آهي، ڪيئي ڀيرا اهم گڏجاڻين سبب کيس رات جو اتي ئي ترسڻو پوندو هو.
ياد رهي ته گووندا ۽ سنيتا جي شادي کي 37 سال ٿي چڪا آهن ۽ کين هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي.
You might also like