ٽيڪنو جو نئون فون ”اسپارڪ 20“ پلس متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ٽيڪنو پنهنجي اسپارڪ سيريز جو چوٿون ۽ هيل تائين جو بهترين فون متعارف ڪرائي ڇڏيو.

نئين سال جي موقعي تي ڪمپني پاران ٽيڪنو اسپارڪ 20 پلس متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو اسپارڪ 20 سيريز جو گذريل ڪجهه مهينن ۾ متعارف ڪرايل چوٿون فون آهي.

ٽيڪنو اسپارڪ 20 پلس کي 7-6 انچن جي اسڪرين ۽ اينڊرائڊ 14 آپريٽنگ سسٽم سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.

فون م فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻيا سيڪيورٽي فيچرز به ڏنا ويا آهن جڏهن ته ان ۾ ٽائيپ سي جي چارجر سميت اسپيڪرز ۽ ايف ايم ريڊيو جي جديد ٽيڪنالاجي به ڏني وئي آهي.

فور جي ٽيڪنالاجي رکندڙ فون کي چئن مختلف رنگن ۾ پيش ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون ڊسٽ ايند واٽر پروف آهي.

ٽيڪنو اسپارڪ 20 پلس کي 16 جي بي ريم جڏهن ته 256 جي بي ميموري سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي پر فون ۾ ڊجيٽل ميموري جي گنجائش به ڏني وئي آهي.

فون کي 5 هزار ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري جڏهن ته 33 واٽ جي فاسٽ چارجر سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.

فون جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل سيلفي جڏهن ته بيڪ تي 108 ميگا پڪسل جي مين ڪيمرا ڏني وئي آهي ۽ ڪمپني موجب ٻنهي ڪيمرائن کي ڊوئل فليش سان گڏ اپگريڊ ٽيڪنالاجي ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

فون کي رڳو چين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، پر جلد ان کي پاڪستان ۾ به پيش ڪيو ويندو.

ڪمپنيءَ فون جي قيمت جو اعلان نه ڪيو آهي، پر امڪان آهي ته ان کي پاڪستان ۾ 42 هزار رپين جي قيمت تائين متعارف ڪرايو ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.