اڄوڪي دور ۾ پيءُ ماءُ ۽ ٻارن ۾ ويجهو واسطو ناهي رهيو: اداڪار علي طاهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر علي طاهر چيو آهي ته اڄ ڪالهه جي دور ۾ پيءُ ماءُ ۽ ٻارن وچ ۾ ويجهو واسطو ناهي رهيو ڇو جو پيءُ ماءُ ٻارن جي ضرورتن کي ناهن سمجهي رهيا.

تازو ئي علي طاهر هڪ انٽرويو ۾ ڪيريئر سميت نوان والدين بڻجندڙ ماڻهن کي به فائديمند تجويزون ڏنيون.

هن چيو ته کيس لڳندو آهي ته اڄ ڪالهه جي دور ۾ پيءُ ماءُ ۽ ٻارن وچ ۾ ويجهو تعلق نه رهيو آهي، والدين پنهنجون ذميواريون ۽ ٻارن جون ضرورتون ناهن سمجهي رهيا.

هن مثال ڏنو ته امير والدين ٻارن جي پالنا ۽ سار سنڀال لاءِ نوڪر رکي ڇڏيندا آهن، سندن تعليم کانسواءِ انهن کي ٽيوشن ۾ داخل ڪرائيندا آهن، جنهن جي ڪري والدين ۾ ويجهو واسطو ئي پيدا نه ٿيندو آهي.

سندس چوڻ هو ته هاڻوڪي دور ۾ ٻارن جي ضرورتن کي ڏسندي انهن سان دوستاڻو واسطو رکڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته پيءُ ماءُ ان جي ابتڙ ڪندا  آهن.

علي طاهر جو چوڻ هو ته اڄ ڪالهه جي دور ۾ جيڪڏهن ٻارن سان دوستاڻا لاڳاپا هوندا تڏهن ئي اُهي پيءُ ماءُ سان پنهنجون ڳالهيون، ضرورتون ۽ ترجيحون شيئر ڪندا، نه ته نه ڪندا.

اداڪار جو چوڻ هو ته ٻارن سان ويجهو واسطو نه هجڻ سان پيءُ ماءُ ۽ ٻارن وچ ۾ وٿي وڌي ويندي آهي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو آهي جو ٻار شادي سميت زندگي جو هر فيصلو پنهنجي مرضي سان ڪندا اهن ته کي خراب لڳندو آهي.

علي طاهر موجب شادي ڪرڻ سٺو عمل آهي ۽ ٻارن کي اها آزادي هجڻ گھرجي ته اهي پنهنجي مرضي موجب ساٿي چونڊين، ڇو جو شادي کان پوءِ انهن کي ئي زندگي گذارڻي پوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.