انسانن کي بيروزگار ڪندڙ هي روبوٽ لکين ڊالر ڪمائڻ لڳا

جيتوڻيڪ هن وقت مختلف ملڪن ۾ انسانن جي جاءِ تي ڪمپيوٽرائزڊ روبوٽ ۽ ٻيون مشينون ڪم ڪرڻ لڳيون آهن پر هاڻي ٽي وي چينلن ۽ ٻين نشرياتي ادارن کان پوءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي به انسانن جي جاءِ هٿرادو ذهانت (اي آءِ ) سان تيار ڪيل انسانن جهڙا ڪانٽينٽ ڪريئيٽرز والارڻ لڳا.

مشهور معاشي رسالي فنانشل ٽائمز موجب ٻين سوشل ميديا پليٽ فارمز جيان انسٽاگرام تي به اي آءِ ڪانٽينٽ ڪريئيٽرز مشهور ٿي رهيا آهن جتان اُهي انسانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پئسو ڪمائي رهيا آهن.

رپورٽ موجب انسٽاگرام تي اي آءِ ڪانٽينٽ ڪريئيٽرز انسانن جي جاءِ والاري ورتي جيڪي ماهوار 20 هزار آمريڪي ڊالر ڪمائڻ لڳا آهن ۽ ڪجهه هٿرادو تخليقڪار هڪ پوسٽ جا هڪ هزار ڊالر وصول ڪري رهيا آهن.

جيتوڻيڪ انسٽاگرام تي مواد تخليق ڪندڙ انسان پوسٽون شيئر ڪرڻ جا گھڻا پئسا وٺندا آهن پر اي آءِ ڪانٽينٽ ڪريئيٽرز جي اچڻ سان مشهوري ڪمپنين کي فائدو آهي، انهن کي سستن اگھن تي اشتهار ڏيڻا پوندا آهن.

انسٽاگرام تي اي آءِ ڪانٽينٽ ڪريئيٽرز جي اڪائونٽ جي اڪائونٽن جي فالورز جو انگ 4 لک کان به وڌي چڪو آهي ۽ انهن جا اڪائونٽ تصديق ٿيل به آهن ۽ اهڙن اڪائونٽس سان دنيا جا معتبر برانڊز ڪم ڪري رهيا آهن.

رپورٽ موجب اي آءِ ڪانٽينٽ ڪريئيٽرز جي انسٽاگرام اڪائونٽس تي ميڪ اپ کان وٺي انڊر گارمنٽس ۽ فٽنيس جا برانڊز پنهنجي اشتهار ڏئي رهيا آهن.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by noonoouri (@noonoouri)

ڄاڻايل اڪائونٽس ڪجهه ڪمپنيني ۽ ماڻهن پاران هلايا پيا وڃن جيڪي اي آءِ ڪانٽيڪٽ ڪريئيٽرز جا مالڪ آهن.

ماهرن اي آءِ ڪانٽينٽ ڪريئيٽرز کي مواد تخليق ڪندڙ انسانن لاءِ خطرو قرار ڏئي رهيا آهن ۽ ان سان انسانن ۾ بيروزگاري وڌڻ جا امڪان به وڌي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.