چيف جسٽس پاران لطيف کوسي جي نالي اڳيان سردار لکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ليول پليئنگ فيلڊ ڪيس جي ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل لطيف کوسي جي نالي اڳيان ” سردار “ لکڻ تي چيف جسٽس پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسي جي نالي اڳيان سردار لکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 1976ع کانپوءِ سرداري نظام ختم ٿي چڪو آهي.
پ پ حڪومت سرداري نظام جي خاتمي لاءِ قانونسازي ڪئي، هاڻي لطيف کوسي جا پٽ به سردار ٿي ويا آهن،
سردار، پير ۽ نواب جهڙا لفظ استعمال ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، پاڪستاني آئين ۽ يا وري سرداري نظام تي عمل ڪيو وڃي.
چيف جسٽس جي رمارڪس تي پي ٽي آءِ وڪيل لطيف کوسي چيو ته اِهو اسٽينو نالي سان گڏ لکي ڇڏيو اڳتي احتياط ڪندس.
عدالت آءِ جي، چيف سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي نوٽيسز جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اٺ جنوريءَ تائين ملتوي ڪنديچيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اليڪشن ڪميشن پنجاب جي خط جي جواب ۾ هدايتون جاري ڪيون هيون، ٻڌايو وڃي ته اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عملدرآمد ٿيو يا نه؟.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.