ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ پوليس هفتو اڳ اغوا ٿي ويل نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ھفتو اڳ ڏوھارين ھٿان انڊس هاءِ وي تي دبئي ھوٽل وٽ ھٿيارن هٿيار اغوا ٿي ويل عرفان علي پٽ تاج محمد ميراڻي بازياب ٿي گھر پهچي ويو.
پوليس جو چوڻ هو ته شبيرآباد جي علائقي ۾ پوليس آپريشن دوران مغوي کي بازياب ڪرايو ويو آهي.
واضح رهي ته ڏوهارين پاران نوجوان جي وارثن کان سندس بازيابي لاءِ 20 لک رپيا ڀند طلب ڪيو ويو هو.