ڪيپ ٽائون ٽيسٽ: بالر بيٽرن لاءِ قهر بڻجي ويا، ڪيئي رڪارڊ قائم

ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪا ڀارت خلاف ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.

ڪيپ ٽائون ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ڏکڻ آفريڪي بالرن ڪا به رنس ڏيڻ بنا ڀارت جي ڇهن بيٽرن کي پويلين ڀيڙو ڪري ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.

ڀارت ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ بنا ڪنهن رنس ٺاهن جي ڇهه وڪيٽون وڃائيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي آهي.

ڪيپ ٽائون ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم 55 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي جنهن کانپوءِ هڪ موقعي تي ڀارت چئن وڪيٽن تي 153 رنسون ٺاهي ورتيون هيون پر پوءِ ڏکڻ آفريڪي بالرن ميچ جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو.

پهريان لونگي نگيڊي هڪ اوور ۾ ڪي ايل راهول، رويندرا جاڙيجا ۽ جسپريت بمرا کي آئوٽ ڪيو، ٻئي اوور ۾ رباڊا ويرات ڪوهلي جي اهم وڪيٽ حاصل ڪئي، محمد سراج رن آئوٽ ٿيو ۽ ان کانپوءِ پراسيد ڪرشنا به رباڊا جو شڪار ٿي ويو.

ان کان اڳ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ چار دفعا ائين ٿيو جڏهن هڪ ٽيم بنا ڪنهن رنسن ٺاهن جي پنج رانديگرن کان محروم ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.