ن ليگ پاران عام چونڊن لاءِ اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن طرفان عام چونڊن لاءِ بلوچستان جي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ن ليگ اليڪشن سيل جي چيئرمين ۽ سينيئر اڳواڻ اسحاق ڊار ٽڪيٽ هولڊرز جا نالا شيئر ڪيا.

قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 58 سيٽن لاءِ اميدوارن جي چونڊ ڪئي وئي،

واضح رهي ته ان کان اڳ ن ليگ قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ پارليماني بورڊ جو اجلاس پڻ ٿيو جنهن ۾ هن کان پاڻ اميدوارن کان انٽرويو ورتا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.