موبائيل فونز قسطن تي ڏيڻ واري پاليسي باضابطا متعارف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت ڪانٽريڪٽ تي ٻڌل سمارٽ فونز پاليسي متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جيڪا 15 جنوري کان لاڳو ٿيندي.

انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي نگران وزير ڊاڪٽر عمر سيف پاليسي جي تفصيل بيان ڪندي چيو آهي ته اها پاليسي پرڏيهه ويندڙ ماڻهن لاءِ آهي جيڪي هاڻي قسطن تي موبائيل فون جا جديد ترين ماڊلز حاصل ڪري سگهن ٿا.

ڊاڪٽر سيف چيو ته اها پاليسي ٽيلي ڪام انڊسٽري جي اسٽيڪ هولڊرز سان وسيع مشاورت بعد تيار ڪئي آهي جنهن جو بنيادي مقصد ذميوار مالياتي رويي کي هٿي ڏيڻ ۽ اسمارٽ فون جي رسائي وڌائڻ آهي.

سيڙپڪارن کي ڊفالٽس کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ موبائيل فون بلاڪ ڪرڻ باقيدار جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جهڙا اپاءَ ورتا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.