ماڻهن جو وات بند نٿا ڪري سگھون ان ڪري پنهنجو وات بند رکڻ گھرجي: نوين وقار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل نوين وقار چيو آهي ته هوءَ پنهنجي ذاتي زندگي بابت  ڳالهائي اسپاٽ لائيٽ ۾ نٿي اچڻ چاهي.

اداڪارا نوين وقار هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ڪيريئر سميت انڊسٽري جي حوالي سان ڳالهايو.

هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته آئون ڪڏهن به پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي سوشل ميڊيا تي نٿي آڻڻ چاهيان.

هن چيو ته آئون زندگي ۾ پنهنجي والدين کان اهو ئي سکيو آهي ته پنهنجي گھر جي ڳالهه گھر تائين محدود رکو ڇو جو جڏهن ڳالهه گھر کان ٻاهر اچي ويندي ته اُها تبديل ٿي ويندي جيترا ماڻهو ڳالهه ڪندا ڳالهه اوتري ئي وڌندي ويندي، اسان ماڻهن جو وات نٿا بند ڪري سگھون ان ڪري پنهنجي وات بند رکڻ گھرجي.

اداڪارا جو چوڻ هو ته گھڻا ماڻهو پنهنجي ذاتي زندگي کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري اسپاٽ لائيٽ ۾ ايندا آهن پر آئون ان قسم جي اسپاٽ لائيٽ نٿي چاهيان، آئون چاهيان ٿي ته جيڪڏهن اسپاٽ لائيٽ منهنجي مٿان اچي ته منهنجي ڪم جي ڪري اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.