حڪومت ڪراچي وارن کي وري بجليءَ جو جهٽڪو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي واسين لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي.

ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ 2 روپيا 87 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي.

بجليءَ جي قيمت ۾ واڌ جنوري کان مارچ 2023ع جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ ڪئي وئي آهي، اضافي سان ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي 9 ارب رپين جو بار پوندو.

ڪي اليڪٽرڪ لاءِ بجلي جي اگھن ۾ واڌ جو فيصلو نيپرا وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.