ليول پليئنگ فيلڊ ڪيس:عدالتي حڪم تي عملدرآمد ٿيو يا نه؟ اليڪشن ڪميشن کان رپورٽ طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ عام چونڊن لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ بابت پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي اٺ جنوري تائين ملتوي ڪندي اليڪشن ڪميشن کان عدالتي حڪم تي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو آهي ته عدالتون اليڪشن جي لاءِ هر سياسي جماعت جي پٺيان بيٺل آهن، اسان اهو ڪيئن چئون ته فلاڻي پارٽي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيو ۽ فلاڻي پارٽيءَ جا رد ڪيو؟ ٽربيونلز ۾ وڃي اپيلون داخل ڪيو، ان کانپوءِ ايندا  ته توهان کي ٻڌنداسين.

ليول پليئنگ فيلڊ بابت پي ٽي آءِ جي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ، پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته اسان کي خبر آهي ته 35 پنڪچرز جي ڳالهه به هن ئي عدالت ۾ ٿي هئي.

چيف جسٽس چيو ته اهي ڳالهيون ان وقت جي ججز رد ڪيون هيون، لطيف کوسي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي جيڪو ڪرڻو آهي اهو نه پيو ڪري

 چيف جسٽس چيو ته اهو چيف اليڪشن ڪمشنر به توهان جو لڳايل آهي، هتي ڪير به ذميواري قبول ڪرڻ وارو نه آهي، توهان جي توهين عدالت واري سموري درخواست پڙهي آهي، هن ۾ ڪو به الزام ناهي رڳو جنرل ڳالهيون ڪيون ويون آهن،  اليڪشن ڪميشن اسان جي حڪم تي عملدرآمد جي رپورٽ جمع ڪرائي آهي.

 لطيف کوسي چيو ته اسان کي اها رپورٽ نه ملي آهي، چيف جسٽس چيو ته توهان کي اسان رپورٽ ڏئي ٿا ڇڏيون، لطيف کوسي چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو، چيف جسٽس چيو ته اسان توهان جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ هتي روز نه ويهنداسين، هي ڪو آکاڙو ناهي جو جنهن جو آواز اوچو هجي ان کي ٻڌون.

 لطيف کوسي چيو ته اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اليڪشن ڪميشن وارا ٻڌائين ته هنن کي ليول پليئنگ فيلڊ ڇو نه پئي ملي؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هنن کي مڪمل ليول پليئنگ فيلڊ ملي رهي آهي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسي جي نالي اڳيان سردار لکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 1976ع کانپوءِ سرداري نظام ختم ٿي چڪو آهي.

پ پ حڪومت سرداري نظام جي خاتمي لاءِ قانونسازي ڪئي، هاڻي لطيف کوسي جا پٽ به سردار ٿي ويا آهن،

سردار، پير ۽ نواب جهڙا لفظ استعمال ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، پاڪستاني آئين ۽ يا وري سرداري نظام تي عمل ڪيو وڃي.

عدالت آءِ جي، چيف سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي نوٽيسز جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اٺ جنوريءَ تائين ملتوي ڪنديچيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اليڪشن ڪميشن پنجاب جي خط جي جواب ۾ هدايتون جاري ڪيون هيون، ٻڌايو وڃي ته اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عملدرآمد ٿيو يا نه؟.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.