اتر وزيرستان ۾ محسن داوڙ جي قافلي تي قاتلاڻو حملو

ميران شاهه ( ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه جي ڳوٺ تپي ۾ اڳوڻي ايم اين اي ۽ اين ڊي ايم جي چيئرمين محسن داوڙ جي قافلي تي حملو ڪيو ويو.
اتر وزيرستان جي ڊي پي او ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محسن داوڙ جي گاڏيءَ تي فائرنگ جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته محسن داوڙ وٽ پوليس سيڪيورٽي موجود هئي، اهلڪارن فائرنگ ڪندڙ هٿياربندن تي جوابي فائرنگ ڪئي جنهن سبب حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا.
پوليس موجب، گاڏي تي ڪيئي گوليون هلايون ويون پر گاڏي بليٽ پروف هئڻ سبب محسن داوڙ محفوظ رهيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته محسن داوڙ کي فول پروف سيڪيورٽي ڏني وئي آهي، هو بلڪل محفوظ آهي جڏهن ته اڻڄاتل هٿياربندن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جي يو آءِ ( ف ) جي سربراهه مولانا فيضل الرحمان جي قافلي تي به ڊي آءِ خان ۾ حملو ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.