ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻن جي نوَ مئي وارن واقعن جي ڪيسن ۾ طلبي جو اشتهار جاري ڪيو ويو آهي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي اسپيشل جج پي ٽي آءِ اڳواڻن جي نوَ مئي واقعن وارن ڪيسن ۾ طلبي جو اشتهار جاري ڪيو ۽ کين 14 فيبروري تي طلب ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ جن اڳواڻن جي طلبي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي انهن ۾ قاسم سوري، خادم وردگ، جمعا خان، صادق ترين، ڊاڪٽر منير بلوچ ۽ نجيب ڪاڪڙ سميت 11 جوابدار شامل آهن.