شاهه محمود، زين قريشي ۽ ٻين جا ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيلن تي جواب طلب

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ٽربيونلز ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلن تي اليڪشن ڪميشن، ڊي آر اوز ۽ آر او اوز کان جواب طلب ڪري ورتو.

اليڪش ٽربيونل اين اي 214 کان پي ٽي آءِ اميدوار شاهه محمود قريشي ۽ ان ئي تڪ مان سندس پٽ زين قريشي جي اپيل تي اليڪشن ڪميشن، آر او ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ٽربيونل اين اي 238 تان پي ٽي آءِ اميدوار حليم عادل شيخ، اين اي 241 تان پ پ اميدوار مرزا اختيار بيگ ۽ اين اي 234 تان ايم ڪيو ايم اميدوار صادق افتخار جي اپيل تي به ريٽرننگ آفيسر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ان کانسواءِ اين اي 241 تان پي ٽي آءِ اميدوار ارسلان خالد جي اپيل تي به نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته اليڪشن ٽربيونلز اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کان پنج جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون داخل ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.