ملڪ ۾ سون سوين رُپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ سوين رُپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 13 سئو رُپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک ويهه هزار رُپين جو ٿي ويو آهي.

ڏهه گرام سون جي قيمت 1115 رُپيا لاٿ بعد هڪ لک 88 هزار 614 رُپين جو ٿي ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 12 ڊالر لاٿ کانپوءِ 2 هزار 62 ڊالرز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.