سڊني ٽيسٽ: ڪينگروز خلاف عامر جمال جي مزاحمتي اننگز جي سوشل ميڊيا تي واکاڻ

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي آخري ميچ جي پهرين اننگز ۾ عامر جمال شاندار بيٽنگ ڪري شوقنن جون دليون کٽي ورتيون.

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سڊني ۾ جاري ٽين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ پاڪستاني ٽيم 313 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان طرفان محمد رضوان 88 ۽ سلمان علي آغا 67 رنسون ٺاهيون جڏهن ته عامر جمال شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 82 رنسون ٺاهيون جنهن تي شوقين کيس داد ڏيڻ کانسواءِ نه رهي سگهيا.

عامر جمال جي بهترين بيٽنگ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپييدارن طرفان کيس ساراهيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.