هوٽلن تي چوري ٿيل گڏهن جو گوشت کارائڻ جو انڪشاف

عراق ۾ سوشل ميڊيا تي گذريل ڪجهه ڏينهن کان هڪ خبر گردش ڪري رهي آهي ته بابل گورنري جي پوليس اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي جيڪي گڏهه چوري ڪرڻ، ڪهي انهن جو گوشت حلا شهر ۾ هڪ ريسٽورينٽ ۾ وڪرو ڪندا هئا.

گذريل سومر تي بابل گورنري جي پوليس ڪمانڊ هڪ بيان جاري يو جنهن ۾ هن ڪيس جون حالتون واضح ڪيون ويون.

پوليس ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته گرفتار جوابدارن مان ڪجهه ڏوهه مڃي ورتو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته گهرائي سان جاچ بعد اهو واضح ٿيو ته هن ڪيس ۾ 8 ڄڻا ملوث آهن جن مان ٽن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.