توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس، عمران خان ۽ فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي اليڪشن ڪميشن جي چار رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جو اڳواڻ فواد چوڌري عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا.
عدالت جوابدارن کي فرد جرم پڙهي ٻڌائي، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

ڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.