حيدرآباد: عورت سماجي ڪارڪن طرفان هراسان ڪرڻ جو الزام، ايس ايس پي نوٽيس ورتو

حيدرآباد (م ڊ) حيدرآباد جي عورت سماجي ڪارڪن طرفان هراسان ڪرڻ واري وڊيو بيان تي ايس ايس پي نوٽيس ورتو آهي، حيدرآباد جي ايس  ايس پي انساني حقن جي انچارج کي واقعي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايس ايس پي جو چوڻ هو ته سماجي ڪارڪن کي هراسان ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ياد رهي ته عورت سماجي ڪارڪن پوليس آفيسرن سميت ڪجهه ماڻهن جي طرفان ان کي مسلسل هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو هو، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سوشل ميڊيا تي حيدرآباد جي نياڻي ڪشش خوجا وڊيو بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته مون کي هراسان ڪيو پيو وڃي، ڌمڪيون ملي رهيون آهن، انصاف ڪيو وڃي.

ڪشف خواجا  جو صنعان قريشي سان رابطو

حيدرآباد (پ ر) حيدرآباد جي نياڻي ڪشش خواجه جو جسقم چيئرمين صنعان قريشي سان رابطو، نياڻي کيس چيو ته ڊاڪٽر ذيشان خواجه  مسلسل حراسا پيو ڪري، منهنجي مدد ڪريو، جسقم چيئرمين ساڻس مدد جي خاطري ڪرائي، جسقم چيئرمين صنعان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌ جي جاگرافيائي حدن کي خطرو آهي، سنڌ جي وحدت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، ڌرتي کي پيرن هيٺان کسڪايو پيو وڃي، غير قانوني ڌارين افغانين، برمين، بهارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، سرڪار غير قانوني ڌارين کي سڀ سهولتون ڏئي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد، ڄامشورو سميت سنڌ ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، جنهن عمل خلاف منظم جدوجهد جي ضرورت آهي، جڏهن ته جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته حيدرآباد جي نياڻي ڪشش خواجه جو جسقم چيئرمين صنعان قريشي سان رابطو ٿيو آهي، نياڻي کيس واقعي جا تفصيل ٻڌايا، جنهن تي جسقم چيئرمين صنعان قريشي کيس چيو ته حيدرآباد جي نياڻي ڪشش خواجه هجي يا سنڌ جي ڪا به نياڻي هجي پاڻ کي لاوارث نه سمجهي، جسقم چيئرمين صنعان قريشي سڀاڻي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ نياڻي ڪشش خواجه جي احتجاج ۾ جسقم ڪارڪن شرڪت جي هدايت ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.