چاهت فتح علي خان جو سياست ۾ اچڻ جو خواب ڀورا ڀورا، ڪاغذ رد

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پنهنجي انوکي ڳائڻ سبب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ چاهت فتح علي خان جو سياست ۾ اچڻ جو خواب ڀورا ڀورا ٿي ويو. اليڪشن ڪميشن ۾ سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.

نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي هن سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ وڊيو جاري ڪئي ۽ اليڪشن  ڪميشن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي گذارش ڪئي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي.جيڪي ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ته جيئن اهي به اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهن.

سوشل ميڊيا تي وڊيو پيغام شيئر ڪندي چشت فتح علي خان رٽرننگ آفيسر جي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ منهنجي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، رٽرننگ آفيسر ٻٽي شهريت جي بنياد تي منهنجا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا، جڏهن ته پاڪستان جي آئين ۾ چيو ويو آهي ته عام شهري کي ٻٽي شهريت هجي ته پوءِ کيس اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو حق آهي.

پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حوالي سان هن چيو ته اسان هر مهيني ڪروڙين رپيا پاڪستان موڪليون ٿا، جنهن سان ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، تنهن ڪري پرڏيهه ۾ رهندڙن لاءِ خاص قانون سازي ڪئي وڃي ته جيئن اهي چونڊن ۾ حصو وٺي ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو وٺي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.