پ پ چونڊن ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي: نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو عام چونڊون 8 فيبروري کان اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي سپريم ڪورٽ  جي حيثيت چئلينج ڪرڻ برابر ۽ توهين عدالت جو مرتڪب قرار ڏيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي عام چونڊون 8 فيبروري کان اڳتي کڻي وڃڻ جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت نه ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ميڊيا سيل بلاول هائوس تي وقار مهدي ۽ سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ ن سنڌ جي نائب صدر ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل شيخ جاويد مير پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. نثار کهڙو چيو ته جيڪڏهن عام چونڊن جي 8 فيبروري واري تاريخ ۾ تبديلي ٿي ته اِهو عمل سپريم ڪورٽ جي وقار تي سواليه نشان هوندو ان لاءِ اميد آهي ته چيف جسٽس صاحب 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ واري پنهنجي فيصلي تي ڄميل رهندو هن چيو ته چونڊن ۾ دير جون ڳالهيون ڪري مولانا فضل الرحمان سپريم ڪورٽ جي حيثيت کي مشڪوڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ عدالت جي هتڪ عزت ڪري توهين عدالت جو مرتڪب ٿي رهيو آهي ۽ افسوس آهي ته امن امان جو بهانو بڻائي چونڊن کي اڳتي ڪرڻ جون اهڙيون ڳالهيون مولانا فضل الرحمان جهڙو ليڊر ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آئين ۾ نگران حڪومت صرف ٽي مهينا حڪومت ڪري سگهي ٿي ۽ اليڪشن جي بغير ملڪ هن وقت عوام کان کسيل آهي ان لاءِ اسان جو مطالبو آهي ته 8 فيبروري تي ئي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ۽ عوام کي فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي پوءِ عوام جنهن جماعت کي مينڊيٽ ڏئي ان کي تسليم ڪيو وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي واحد جماعت آهي جيڪا ملڪ ۾ چونڊون چاهي ٿي ۽ وقت تي چونڊن جو مطالبو قوم لاءِ ڪري رهيا آهيون پر اليڪشن کي 8 فيبروريءَ کان اڳتي ڪرڻ واريون ڳالهيون جمهوريت ۾ دير ۽ جمهوريت کي رد ڪرڻ جي برابر عمل آهن. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ڪي پي ڪي ۽ نواز شريف پنجاب ۾ پذيرائي نه ملڻ سبب اليڪشن کان ڀڄڻ چاهن ٿا ان لاءِ عدالت عام چونڊون مقرر ڪيل شيڊول تحت 8 فيبروري تي يقيني بڻائي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان امن امان جي خراب صورتحال ۽ ماحول نه هجڻ جو جواز بڻائي چونڊن ۾ دير چاهي ٿو ۽ نواز شريف پنجاب ۾ مقبوليت وڃائڻ کان پوءِ اڃان تائين چونڊ مهم شروع نه ڪري سگهيو آهي ۽ 8 فيبروري تي چونڊن جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ به خاموش آهي. هن چيو ته جيڪڏهن امن امان جو جواز بڻائي چونڊن کي اڳتي ڪيو ويو ته اهو عمل دهشتگردن جي حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ڇاڪاڻ ته دهشتگردن سان پاڪستان جي فوج نيشنل ايڪشن پلان تحت منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ ماضيءَ ۾ به اسان نيشنل ايڪشن پلان تحت پاڪستان کي دهشتگرديءَ مان نجات ڏياري پر عمران خان اقتدار ۾ اچي وري دهشتگردي کي هوا ڏني. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ جي لاهور مان چونڊ مهم هلائڻ کان اڳ ن ليگ پريشانيءَ جو شڪار بڻجي چڪي آهي ۽ صرف پيپلز پارٽي جي خلاف اتحاد ٺاهيندڙ جماعتون گڏ ٿي به شڪست کان خوفزده آهن پر اسين ماضيءَ ۾ به پي اين اي جهڙي اتحاد جو مقابلو ڪيو ۽ هاڻي به هنن اتحادن جو مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جو عوام مٿان اعتماد ناهي جنهن ڪري هو چونڊن کان ڀڄڻ چاهن ٿا. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو اتحاد عوام سان آهي ان لاءِ 8 فيبروري وارين چونڊن ۾ ڪنهن به جماعت سان اتحاد نه ڪنداسين ۽ پنهنجي پليٽ فارم تان چونڊون وڙهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي فاروق ستار پاران پيپلز پارٽيءَ کي سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ ڪا به دعوت نه ملي آهي. هن چيو ته ن ليگ، ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ ۽ جي ڊي اي قوم کي ٻڌائي ته هو ڪهڙن نقطن تي اتحاد ڪري رهيا آهن جيڪڏهن سندن اتحاد پيپلز پارٽيءَ جي خلاف آهي ته پوءِ ٺيڪ آهي پر سندن اتحاد 18 هين ترميم ۽ صوبائي خودمختياري جي خلاف آهي ته پوءِ اهڙو اتحاد دراصل آئين جي خلاف آهي. هن چيو ته سنڌ جي ورهاست جي ڳالهين تي سنڌ جو عوام جذباتي آهي ان لاءِ عوام سنڌ جي ورهاست جو ڳالهيون ڪندڙن کي رد ڪندو. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ ٻهراڙيءَ واري شهرين جو شهري سنڌ تي قبضو هجڻ وارو بئنر سنڌ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي سازش آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي پارلياماني بورڊ عام چونڊن لاءِ سڀني حلقن تي حتمي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ قيادت کي سفارشون موڪلي ڇڏيون آهن ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ حتمي اميدوارن جو اعلان ڪيو ویندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جن 10 نقطن جو منشور ڏنو آهي، پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ۾ اچي انهن تي مڪمل عمل ڪندي ڇاڪاڻ ته اسين پهريان به ملازمن جون 150 سيڪڙو پگهارون وڌائي چڪا آهيون. ان موقعي تي مسلم ليگ ن سنڌ جي نائب صدر شيخ جاويد مير پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي نثار کهڙي پاران ويڪلم ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.