سشانت سنگهه جي موت بابت نئون انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ممبئي جي ناليواري اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي آپگهات بابت سندس اڳوڻي گرل فرينڊ انڪيتا لوکنڊي جو نئون انڪشاف سامهون آيو آهي.
ڀارتي اداڪارا انڪيتا لوکنڊي مشهور ريئلٽي شو بگ باس سيزن 17 جو حصو آهي جتي هن ناليواري ڪامينڊين منور فاروقيءَ سان ڳالهايو.
ڀارتي اداڪارا جو چوڻ هو ته سشانت سنگهه آپگهات کان اڳ ڪنهن سبب جي ڪري ٽٽي ويو هو ۽ هن سان اهو نه ٿيڻ گھرجي ها.
هن چيو ته سشانت جي دماغ ۾ گھڻو ڪجهه هو پر اُهو سڀ ڪجهه ضايع ٿي ويو.
اداڪارا چيو ته سشانت جو جڏهن هن جي آڏو آيو ته کيس لڳو ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي.
انڪيتا لوکنڊي ٻڌايو ته اداڪار جي آپگهات کان پوءِ ميڊيا سندس شديد ڪردارڪشي ڪئي وئي جنهن کان پوءِ هن گھڻن ماڻهن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته سشانت سنگهه ۽ انڪيتا ٽي وي سيريز پويتر رشته ۾ جوڙي جي صورت ۾ سامهون آيا ۽ هو ستن ورهين تائين لاڳاپن ۾ رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.