لوڻ جي گهڻي استعمال سان گردن جون بيماريون ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماهرن طرفان ڪيل هڪ تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته لوڻ جي گهڻي استعمال سان هاءِ بلڊ پريشر، دل جا مارض ۽ شگر ٿي سگهي ٿي جڏهن ته گردن جون بيماريون به ٿي سگهن ٿيون.

صحت جي عالمي اداري اڳ ئي ٻڌايو هو ته سڄي دنيا ۾ اڳ ئي ماڻهو ضروري لوڻ کان وڌيڪ لوڻ استعمال ڪن ٿا جنهن سان صحت جا ڳنڀير مسئلا پيدا ٿيندا آهن.

هاڻي آمريڪي ماهرن تحقيق بعد چيو آهي ته لوڻ جو ٿورو به وڌيڪ استعمال گردن جي بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ ان سان گردا ايترا ناڪارا ٿي سگهن جو متاثر ماڻهو کي ڊائلاسز ڪرائڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.