”پاڪستان لاءِ اڃا اٺ ڏهه سال کيڏي سگهان ٿو “

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر فخر زمان چيو آهي ته هو وڌيڪ اٺ ڏهه سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏي سگهي ٿو.

نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اوپنر چيو نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ سٺي تياري ڪري رهيون آهيان.

فخر زمان چيو ته ٽيم اتنظاميا جي پلان موجب جتي چيو ويندو کيڏڻ لاءِ تيار آهيان، پي ايس ايل ۽ عالمي سطح تي ڪپتاني ۾ فرق آهي، شاهين ۾ ڪپتاني جي صلاحيت آهي.

سندس چوڻ هو ته بابر اعظم ورلڊ ڪلاس رانديگر آهي اميد آهي ته هو ايندڙ ٽيسٽ ۾ سٺو پرفارم ڪندو، سٺو برو وقت هر رانديگر تي ايندو آهي بابر به واپسي ڪندو.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جي شروعات 12 جنوري کان ٿيندي، سيريز لاءِ سترنهن رڪني ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان پهريان ئي ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.