جنوري لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي

دبئي (ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات ۾ فيول پرائيس ڪميٽي جنوري 2024 لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ايندڙ مهيني لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، نوان اگهه سومر پهرين جنوري کان لاڳو ٿي ويا آهن.

پيٽرول سپر 98 2.96 درهم ۾ فراهم ڪيو پئي ويو جيڪو هاڻي 2.82 درهم ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي.

اسپيشل 95 جيڪو ڊسمبر ۾ 2.85 درهم ۾ ملي رهيو هو هاڻي گهٽتائي بعد 2.71 درهم ۾ ملي رهيو آهي.

اي پلس 91 جا اگهه ڊسمبر ۾ 2.77 درهم هئا، جنوري ۾ اگهه گهٽجي 2.64 درهم ٿي ويا.

ان کانسواءِ ڊيزل جو نئون اگهه 3 درهم مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.