اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاڪستان اليڪٽرونڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي ( پيمرا ) جي چيئرمين کي خط لکي ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن خط ۾ چيو آهي ته چونڊ ظابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ميڊيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪجهه چئنلز پول سروي نشر ڪري رهيا آهن، جيڪا ظابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب، ظابطا اخلاق موجب، پرنٽ ۽ اليٽرونڪ ميڊيا کي پولنگ اسٽيشن ۽ تڪن مان سروي ۽ پول ڪرائڻ کان روڪيو ويو آهي، اهڙيون سرگرميون ووٽرز تي اثرانداز ٿينديون آهن ۽ چونڊ عمل ۾ خلل پيدا ڪنديون آهن.
اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي آهي ته پيمرا اهڙن چئنلز خلاف ترت ڪارروائي ڪري رپورٽ جمع ڪرائي.